دنيا جي عوامي تاريخ ڪرس ھرمن 2016 صاف

تاريخ

دنيا جي عوامي تاريخ ڪرس ھرمن 2016 صاف

عن الكتاب

انساني تاريخ ڇا آهي؟ ان جي باري ۾ ڪوڙ سارا فڪر موجود آهن جيڪي ان کي سمجهائڻ جا مختلف انداز بيان ڪن ٿا. ڪي انساني تاريخ کي ”قدرت“ طرفان طئي ٿيل ”قسمت“ يعني اڳواٽ لکيل داستان جو عملي نمونو قرار ڏين ٿا. انهن لاءِ تاريخ مختصر لفظن ۾ هيئن هوندي آهي: سڀ کان اول هڪ انسان ٺاهيو ويو پوءِ ٻيو ۽ ٽيون... ۽ آخرت واري ڏينهن جزا ۽ سزا جو فيصلو ڪيو ويندو. ان قسم جي سمجهائڻ ماڻهوءَ منجھ ”قسمت، نصيب ۽ مقدر“ تي پاڙون هڻي ويھي رهي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بي وس، لاچار ۽ گنهگار سمجهڻ لڳي ٿو. ان جي آڏو تاريخ ڏوهن ۽ ثوابن جو داستان ٿي وڃي ٿي ۽ اڳواٽ لکيل قسمت تي پاڙڻ جي نتيجي ۾ انسان سوچ ويچار، تحقيق ۽ ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روڊ حادثي ۾ مري ويو ته چوندڙ "بس ادا قدرت کي اهوئي منظور هو." ڪو مشهور حڪمران بيماريءَ وگهي، يا ڪنهن ويڙهه ۾ مارجي ويو ته چوندڙ "بس ادا بيماري/ گولي ته بهانا هئا!" زلزلو آيو، طوفان آيو، گھٽ برسات ٿي ته چوندڙ "ائين ئي ٿيڻو هو!" اهو رويو مستقبل بابت لاپرواهي ڪري ڇڏي ٿو. نتيجي طور تاريخ جي اهڙي سمجهائڻ عقل، جدت ۽ سائنس دشمن نفسيات کي جنم ڏيندي رهي ٿي. ٻيو رويو اهو آهي ته تاريخ فقط ماضيءَ جي واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو نالو آهي. جنهن ۾ خيال ۾ تاريخ کي سمجهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ تاريخ ته فقط ماضيءَ جي گذريل واقعن جا تفصيل بيان ٿيل هوندا آهن، جڏهن ته انسان حال ۾ زنده رهي ٿو ۽ ان کي پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي ٿيندي آهي، ماضي ته گذريو سو گذري ويو.